اسلام آباد – 17 جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو فاٽا جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي، فاٽا سڌارن جي عمل کي علائقي جي عوام جي خواهشن موجب پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. هن اها ڳالهه قبائلي علائقن جي مختلف ايجنسيز سان تعلق ??کن??ڙ مسلم ليگ (ن) جي صدرن، نائب صدرن جنرل سيڪريٽريز تي ٻڌل وفد س??ن ڳالهائيندي چئي جن??ن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت سيفران واري مملڪتي وزير غالب خان ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ فاٽا سڌارن، قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ علائقي جي لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد س??ن ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قبائلي علائقن جي عوام جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل