بيجنگ – 04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چي?? جي هر قسم جي حالتن ۾ جاري اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي استحڪام سان پاڪستان ۽ چي?? جي عوام کي وڌيڪ ??يجهو آڻڻ ۽ ترقي جي نئين دور ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ گڏيل منصوباسازي ۾ مدد ملندي. چي?? جي وزيراعظم لي ڪيانگ جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان 2 کان 5 نومبر 2018ع تائين چي?? جو دورو ڪري رهيو آهي، دوري دوران وزيراعظم عمران خان چي?? جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ، نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين لي زن شو ۽ چي?? جي نائب صدر وانگ ڪي شان سان ملاقاتون ڪيون آهن. ملاقاتن ۾ روايتي گرمجوشي، گڏيل اعتماد جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن معاملن، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي اسڪول جي هڪ تقريب کي خطاب پڻ ڪيو، بيجنگ سان گڏوگڏ وزيراعظم عمران خان شنگهائي جو دورو پڻ ڪيو جتي هو اڄ سومر ڏينهن پهرين چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو ۾ شرڪت ڪندو. پاڪ چي?? تاريخي لاڳاپن جي ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن ۾ وڌيڪ سگهه ۽ استحڪام جو جائزو پڻ ورتو ويو. دوري دوران ڌرين پاڪ چي?? دوستي کي هر وقت ۾ قائم رهڻ، مقامي، علائقائي ۽ عالمي تبديلين جي باوجود سدائين مستحڪم رکڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. پاڪستان ۽ چي?? جي قيادت ??ست??بل ۾ به هر قسم جي حالتن ۾ پاڪ چي?? گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري، پاڪ چي?? عوام کي وڌيڪ ??يجهو آڻڻ ۽ مست??بل ۾ گڏيل تعاون تحت دوستي کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. پاڪستان ۽ چي?? سال 2005ع ۾ دوستي، تعاون ۽ سـٺي پاڙيسرين جي لاڳاپن جي حوالي سان هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم جي بيجنگ جي دوري جي موقعي تي جاري گڏيل پڌرنامي موجب سياسي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن جي حوالي سان چي?? ۽ پاڪستان سٺن پاڙيسرين، ويجهن دوستن، گڏيل ڀائيچاري ۽ اعتماد تي ٻڌل حصيداري جي عزم کي ورجايو.
وزيراعظم عمران خان جي بيجنگ دوري جي موقعي جاري گڏيل پڌرنامو
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ