بيجنگ -16 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي پرڏيه?? وزير وانگ اي ۽ ايراني پرڏيه?? وزير عبداللهيان وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون آهن. چين جي خابرو اداري مطابق ڪالهه ٽيليفونڪ ڳالهين دوران ايراني پرڏيه?? وزير عبداللهيان وچ اوڀر جي موجوده صورتحال کي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو ته غزه ۾ شهرين تي حملن جي روڪٿام ۽ انساني بحران کي گهٽائڻ لاءِ جلد کان جلد قدم کنيا وڃن. ايران هن مسئلي کي سياسي طريقن سان حل ڪرڻ ۽ ان معاملي تي چين سان رابطي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي چين جي پرڏيه?? وزير وانگ اي چيو ته چين فلسطين مسئلي تي اتحاد ۽ هم آهنگي کي مصبوط بڻائڻ ۽ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ ۾ اسلامي ملڪن جي حمايت ڪري ٿو. بين الاقوامي برادري کي اهڙا قدم کڻڻ گهر??ن جنهن سان عام شهرين کي نقصان نه پهچي، اولين ترجيح صورتحال کي ٿڌو ڪرڻ ۽ غزه ۾ هڪ انساني تباهي کي روڪڻ آهي. جنهن ۾ بي گناهه شهري قتل ٿي رهيا آهن. علائقائي امن کي نقصان پهچي رهيو آهي. وچ اوڀر جي امن ع??ل کي تباهي جو منهن ??سڻ?? پئجي رهيو آهي. هن چيو ته پنهنجي دفاع جو حق عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانونن مطابق استعمال ڪرڻ گهرجي، تشدد جو جواب تشدد سان ڏيڻ سان نقصان پهچي ٿو جيڪو وڌيڪ بحرانن جو سبب بڻجي ٿو.
چين ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais