والاريل بيت المقدس- 06 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جو چوڻ آهي ??ه ??سر??ئيل کي غزه ۾ ٻارڻ ۽ ٻي امداد جي پهچ جي اجاز?? ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. برطانوي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پهچندڙ امداد ڪافي ناهي، ان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، اسان ??سر??ئيلي حڪومت تي هي واضح ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن ٻڌايو هو ته سومر تي 100 انساني امداد جا ٽرڪ ۽ تقريبن 69 هزار ليٽر ??ارن مصر کان غزه پهچايو ويو، گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجاڪ اڱاري تي صحافين کي ٻڌايو ته هي (امداد) 170 ٽرڪن ۽ 110000 ليٽر ??ارڻ جي روزاني کان گهٽ آهي ??يڪا 24 کان 30 نومبر وچ ۾ جنگ ۾ وقفي دوران فلسطين ۾ داخل ٿي، آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن گذريل هفتي 7 آڪٽوبر تي غزه کان ??سر??ئيل تي حماس جي حملي کانپوءِ وچ اوڀر جي پنهنجي ٽئين دوري تي ??سر??ئيلي حڪومت تي دٻاءُ وڌو ته هو امداد جي پهچ ۾ اضافو ڪري ۽ حماس جي خلاف ڪارروائي ۾ شهرين کي گهٽ کان گهٽ نقصان پهچائي.
اسرائيل کي غزه ۾ امداد جي پهچ جي اجازت ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا