گڏيل قومون- 15 ڊسمبر (اي پي پي) غزه ۾ جاري اسرائيلي فوج جي بمباري بعد شديد برسات ۽ ٻوڏ سبب بي گهر فلسطيني شهرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي و??و آهي . گڏيل قو??ن جي انساني معاملن واري رابطه آفيس (او سي ??يڇ اي ) غزه ۾ اسرائيلي بمباري سبب صحت جي خ??اب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته غزه جي ڪيترن علائقن ۾ اٽڪل 1.9 ملين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ اڌ کان وڌيڪ شهرين ڏکڻ علائقي رفع ۾ تحفظ حاصل ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي . غزه جي ڏکڻ ۾ گڏيل قو??ن جي فلسطيني پناگهير ايجنسي (يو اين آرڊبليو اي ) جي پناهگاهن ۾ گنجائش کان9 ڀيرا ٻيڻا ماڻهو آهن ۽ گهڻا ماڻهو ٻاهر سخت موسم سبب يا عارضي پناهگاهن ۾ رهندا آهن . او سي ??يڇ اي چيو ته انهن پناهگاهن ۾ سيوريج جو انتظام ناهي ڪيو ويو . جنهن سبب بيمارين جي پکڙجڻ جو خطرو وڌي و??و آهي .
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن