اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت پاران پاڪست??ن جي خلاف پاڻي جي جارحيت يا سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور ختم ڪرڻ نه رڳو سنڌ طاس معاهدي پر عالمي قانونن جي پڻ خلاف ورزي هوندي، اهڙن قدمن کي پاڪست??ن جي خلاف جنگ سمجهيو ويندو، ڀارت معاهدي موجب پاڪست??ن جي حصي جي پاڻي تي رن اف ريور بجلي جا منصوبا ته هڻي سگهي ٿو پر ان پاڻي کي ذخيرو يا ??ن جو رخ نه ٿو بدلائي سگهي?? ورلڊ بئنڪ ان معاهدي ۾ سهولت ڏيندڙ آهي. قومي اس??مبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ٻڌايو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پاڪستان پاران گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ تي ڀارت بوکلائجي ويو آهي ۽ هو پاڪست??ن جي خلاف سازشون ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری