ڪراچي – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ کي درپيش اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تحريڪ پاڪستا?? جي جذبي کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ قوم ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط جو سنهري اصول مضبوطي سان پڪڙي. صدر اها ڳالهه مزار قائد جي دوري جي موقعي تي قائداعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي اج??اس جي صدارت جي موقعي تي پنهنجي افتتاحي جملن ۾ چئي. صدر چيو ته قائداعظم شاندار شخصيت جو مالڪ هو ??نهن پنهنجي پڪي عزم ۽ مضبوط ارادي سان ڪم وٺندي پاڪستان قائم ڪرڻ جي صورت ۾ تاريخ جو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا