اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته فعال حڪمت عملي اختيار ڪندي مسئلا ڪيا وڃن ته جيئن پاڪستان سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪ??ري ک?? متوجهه ڪري ??او?? اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن انهن جديد ۽ پائيدار ريئل اسٽيٽ منصوبن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس مان ج??ري بيان موجب وزيراعظم ??او?? اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (روڊا) ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي)، والٽن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. روڊا جي مختلف منصوبن ۾ شمسي توانائي سان هلندڙ قابل تجديد بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ لڳائڻ، خصوصي اقتصادي زونز ۽ خصوصي ٽيڪنالجي زونز جو قيام، فيري آپريشنز جو آغاز، ناليج پارڪ ۽ رک جهک فارمز جو قيام شامل آهن. اهي سمورا منصوبا پنهنجي مالي ضرورتن جي حوالي سان خودمختيار هوندا ته جيئن انهن جي پائيد??ري کي يقيني بڻائي سگهجي،
وزيراعظم کي آءِ ايم جي دبئي ٿيم پارڪ جي سهڪار سان پاڪستان جو سڀ کان وڏو ٿيم پارڪ بڻائڻ جي منصوبي تي به بريفنگ ڏني وئي. ??او?? ريور فرنٽ تي 2000 ڪينال زمين تي ٺهندڙ اهو منصوبو (آر يو ڊي اي) سيڙپڪارن ک?? متوجهه ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪ??دو. وزيراعظم ملڪ جي سمارٽ، خود ڪفيل، صاف سٿري ۽ سبز گهرن ۽ ڪاروب??ري منصوبن جي فروغ جي لاءِ آر يو ڊي اي ۽ سي بي ڊي جي اهميت تي زور ڏنو،
وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو هڪ فعال حڪمت عملي اختيار ڪندي مسئلن کي حل ڪن ته جيئن پاڪستان سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪ??ري ک?? متوجه ڪري ان جديد ۽ پائيدار ريئل اسٽيٽ منصوبن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهي.