اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪ??ئونسل جي غير معمولي اجلاس جي انتظامن ??و حتمي جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي وزارت جي ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبيرن جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن سميت، اطلاعات واري وزارت جا سينئر آفيسر به اجلاس ۾ موجود هئا. پرڏيهي وزير کي او اءِ سي جي پرڏيهي وزير ڪائنسل جي غير معمولي اجلاس جي انتظاميه جي مختلف رخن جي حوالي سان مفصل بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير انتظامن ??ي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ خصوصي هداي??ون ڏنيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان 41 سالن کانپوءِ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪ??ئونسل جي افغانستان بابت غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪ??ڻي وڃي رهيو آهي، هن چيو ته ان اجلاس جي ذريعي افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان مفتقه لائحه عمل طئي ڪ??ڻ لاءِ غور جو هڪ سنهري موقعو ميسر ايندو.
او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي انتظامن جو حتمي جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي وزير جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون