اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پشاور ڪوچه رسالدار جي جامعه مسجد ۾ ڌ??اڪ?? جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪي?? آهي. پنهنجي جدا جدا بيانن ۾ هنن چيو ته ڪوچه رسالدار جامعه مسجد ۾ ٿيندڙ ڌ??اڪ?? دهشتگردي جي بدترين مثال آهي، دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث عنصر انسانيت ۽ ملڪ جا دشمن آهن، ملوث عنصر پنهنجي ڪڌن مقصدن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، عبادتگاهن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙ انسانيت جي نالي تي ڌٻ?? آهن، پوري قوم ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهي، دهشتگردي ۾ ملوٿ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ڌ??اڪ?? ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان دلي همدردي جو ا ظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران پشاور ڪوچه رسالدار جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج