اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي ڄم??ن ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ اضافو ڪري، ڪشميري عوام عا??مي ضمير کي ان وقت تائين جنجهوڙيندي رهندي جيستائين انهن جي محرومين جو ازالو نه ٿو ٿئي. پرڏيهي وزارت ۾ ڄم??ن ۽ ڪشمير تي منعقد او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته خودمختياري جو حق عا??مي قانون جو بنيادي اصول آهي، پنهنجي تقدير پاڻ طئ?? ڪرڻ جو حق، آزادي جو نچوڙ ۽ انساني وقار جي لاءِ اهم آهي، بدقسمتي سان ڄم??ن ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي اڃا تائين ان ناقابل تنسيخ حق تائين پهچ حاصل ناهي ٿي سگهي، ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي غيرقانوني طور تي لهڻ کانپوءِ ڪشميري گذريل 70 سالن کانوڌيڪ عرصي کان انتهائي ڏاڍ ۽ ظلم ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته عا??مي قانون جي بنيادي اصولن، گڏيل قو??ن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي کي منهن ڏيندي ڪشميري عوام عا??مي ضمير کي ان وقت تائين جهنجهوڙيندي رهندي جيستائين انهن جي محرومين جو ازالو نه ٿو ٿي وڃي، انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون، اخلاقي ڏيوا??پڻ?? ۽ خوفناڪ ظلم اڄ ڄم??ن ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي حقيقت کي نمايان ڪن ٿا. 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجين جي موجودگي ڪشمير جي جنت نظير واديءَ کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن کانپوءِ رياستي ڏاڍ ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي جڏهن ته وحشياڻي فوجي گهيراءُ، بٽي لاڪ ڊائ??ن ۽ ڪورونا وبا ج?? ڪري اضافي پابندين انهن مصيبتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته عا??مي قان??ن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪندي غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي ذريعي ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت کي پنهنجي ئي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هيستائين 4.2 ملين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ اهڙن ماڻهن کي جاري ڪيا ويا آهن جن جو تعلق ڪشمير سان نه آهي. هن چيو ته ڪشميرين جي خلاف ڀارت جي رياستي دهشتگردي انساني حقن جي صورتحال بابت وڌندڙ عا??مي خدشن کي وڌيڪ هوا ڏني آهي، والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي شرح ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارت گڏيل قو??ن جي خصوصي، آزاد انساني حقن جي مبصرن ۽ عا??مي ميڊيا کي والاريل علائقي تائين پهچ ڏيڻ کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي ته جيئن والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ زميني صورتحال جي آزاداڻي جائزي کان بچي سگهي.
او آءِ سي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ اضافو ڪري: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج