اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ قانون واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين عالمي سازش جي ذريعي حڪومت جي تبديلي ۽ بي اعتمادي رٿ جهڙن عملن جو جائزو وٺڻ ??ي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي. قانون واري وزارت جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات ۽ قانون واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين ڪميشن قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪيا. اها ڪميشن عالمي سازش جي جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ جوڙيندي. قانون واري وفاقي وزير ا??لام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ درجنين ليگل آفيسرن کي تبديل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمورن آفيسرن کي پنهنجا فرض بهتر انداز ۾ سرانجام ڏ??ڻ جي هدايت پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری