اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) نئين وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کڻي ورتو، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي نون وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سول ۽ فوجي عملدارن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، سياسي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن وفاقي ڪابينا جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابي??ا ۾ مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارٽي، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي پارٽين کي نمائندگي ڏني وئي آهي. نئين ڪابي??ا ۾ جن وزيرن کي وفاقي وزير جي حيثيت سا?? شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، سردار اياز صادق، راڻا تنوير حسين، خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، ميان جاويد لطيف، رياض حسين پيرزاده، مرتضيٰ جاويد عباسي، اعظم نذير تا??ڙ، سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، شيري رحمان، عبدالقادر پٽيل، شازيه مري، سيد مرتضيٰ محمو??، ساجد حسين طوري، احسان الرحمان مزاري، عابد حسين، اسعد محمود، عبدالواسع، مفتي عبدالشڪور، محمد طلحيٰ محمو??، سيد امين الحق، سيد فيصل علي سبزواري، محمد اسرار ترين، نوابزاده شاهه زين بگٽي ۽ طارق بشير چيما شامل آهن. ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، حنا رباني کر ۽ عبدالرحمان خان ڪانجو کي ڪابي??ا ۾ مملڪتي وزير جا قلمدان ڏنا ويا آهن. ڪابي??ا ۾ قمر زمان ڪائره، انجنيئر امير مقام ۽ عون چوڌري کي صلاحڪارن جي حيثيت سا?? شامل ڪيو ويو آهي. نئين وفاقي ڪابينا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻين اتحادين پارٽين جي سربراهن سان ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪابينا کي حتمي شڪل ڏني وئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپريل تي ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي محمد شهباز شريف جي 174 ووٽن سان پاڪستان جي 23 هين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊ ڪئي هئي.
نئين وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کڻي ورتو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada