اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلين کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي، عالمي حدت عالمگير مسئلو آهي جنهن ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان هن ??قت تاريخ جي بدترين ٻوڏ مان گذري رهيو آهي جتي ان جي انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. بين الپارلياماني يونين ۽ قومي اسيمبلي جي حصيدار?? سان پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي پارليامينٽن جي ٽئين علائقائي سيمينار کي خطاب ڪندي شيري رحمان چ??و ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون، رڳو سنڌ ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ ستوڻ تي برساتون ٿيون، اها ئي صورتحال ملڪن جي باقي علائقن جي به آهي. موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير چ??و ته تازي ٻوڏ سان وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون، لکين گهر ۽ بيٺل فصل تباهه ٿيا، 200 کان وڌيڪ پل ۽ سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، ريلوي، انٽرنيٽ جو نظام متاثر ٿيو، پاڪستان ۾ گرمي جي م??سم ۾ شديد هيٽ ويوز کي پڻ منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته برساتون به معمول کان وڌيڪ ٿي رهيون آهن، اهو سڀ موسمياتي تبديلين جي ڪري آهي. هن چ??و ته پاڪستان ڀرپاسي وڏا گليشيئرز موجود آهن جڏهن ته دنيا جو وڏو درياءَ ۽ نهري نظام به هتي م??جود آهي، هن ??قت پاڪستان ۾ ايندڙ بدترين ٻوڏ سان سنڌ جو وڏو علائقو متاثر ٿيو آهي، بين الپارلياماني يونين ۾ شامل ڪيترن ئي م??ڪن کي به اهڙيون موسمياتي تبديليون درپيش آهن. وفاقي وزير چ??و ته عالمي سطح تي م??سمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري جي م??قعي تي ان جي تصديق به ڪئي، جيڪي م??ڪ دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جو وڏو سبب بڻيل آهن اهي ان جي خاتمي لاءِ پنهنجو واعدو پورو نه ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته هزاريه ترقياتي هدف اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اميد جي ڪرن آهي.
دنيا ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino