اسلام آباد – 12– اپريل (اي ??ي ??ي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پڪاچي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تا??يخ?? گهرا ڀائراڻا عوامي لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. بلاول ڀٽو ز??داري چيو ته پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ترڪيه پاران معاونت ساراهه جوڳي آهي. ترڪيه جي سفير زلزلي دوران پاڪستان پاران بهترين تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو ??ظه??ر ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، علائقائي تعاون، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔