اسلام آباد – 13?? اپريل (ا?? پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزي??اع??م شهباز شريف ايران سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، توانائي تعاون، سلامتي ۽ علائقائي استحڪام ۾ بطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تازو ئي پولان گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين جي فعال ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ايراني حڪومت جي تعاون کي ساراهيو. وزي??اع??م ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا سميت عوام سان عوام جي ر??بطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزي??اع??م شهباز شريف خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ايراني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيندي صدر ابراهيم رئيسي کي ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي تاريخي اڳڀرائي تي مبارڪباد ڏني. وزي??اع??م چيو ته فلسطين جي والاريل علائقن ۾ اسرائيل پاران انساني حق?? جي خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب ٻه رياستي حل جي بنياد تي اسرائيل فلسطين تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڏنو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي پاران گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔