اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ اي?? اي?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ڪرسٽالينا جارجيوا کي خاطري ڪرائي آهي ته آءِ اي?? اي?? سان معاهدي جي خلاف ورزي کي برداشت نه ڪيو ويندو، موجوده حڪومت جو مدو آگسٽ تائين آهي جنهن کانپوءِ هڪ نگران حڪومت ذميواري سنڀاليندي، مون کي يقين آهي ته اها پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي، چونڊن کانپوءِ عوام موجوده حڪومت کي ٻيهر چونڊيو ته آءِ اي?? اي?? ۽ ترقياتي حصيدارن جي مدد سان معيشت کي بهتر بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ اي?? اي?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم 3 ارب ڊالر جي تازو ئي ٿيندڙ اسٽينڊ بائي معاهدي کي عملي جامعو پارائڻ ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حمايت ۽ مدد تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم آءِ اي?? اي?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي قيادت ۽ پيشيواراڻي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته آءِ اي?? اي?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غريبن جو احساس ڪيو آهي ۽ معاهدي جي لاءِ قابل قدر حمايت ڪئي. آءِ اي?? اي?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاهدي جي لاءِ آءِ اي?? اي?? جي سامهون پاڪستان جي ڪيس کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو جڏهن ته آءِ اي?? اي?? بورڊ ماضي ۾ اعتماد جي کوٽ جي ڪري معاهدي جي شرطن کي پورو ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم تي شڪ شبهن جو شڪار هو جڏهن ته وزيراعظم سان مسلسل رابطن جي روشني ۾ هن بورڊ کي يقين ڏياريو ته وزيراعظم شهباز شريف سان سندس ملاقاتون ٿيون آهن ۽ معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ سندس سنجيدگي نظر آئي آهي ان لاءِ پاڪستان پنهنجي واعدن تي عملدرآمد ڪندو. هن چيو ته آءِ اي?? اي?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هاڻي مضبوط حصيداري ۽ گڏيل اعتماد موجود آهي. پاڪستان کي آءِ اي?? اي?? جو اهم ميمبر قرار ڏيندي هن پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي وزيراعظم اي?? ڊي جارجيوا جي مثبت سوچ ۽ پيرس ۾ ساڻس ملاقات دوران ان جي ڪارائتي تبصرن کي ساراهيو جنهن کانپوءِ آخرڪار ٻنهي ڌرين جي سخت محنت جي نتيجي ۾ اسٽينڊ بائي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم يقين ڏياريو ته هو ان معاهدي جي خلاف ورزي کي برداشت نه ڪندو، موجوده حڪومت جو مدو آگسٽ تائين آهي جنهن کانپوءِ هڪ نگران حڪومت ذميواري سنڀاليندي، مون کي يقين آهي ته اها پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي، چونڊن کانپوءِ عوام موجوده حڪومت کي ٻيهر چونڊيو ته آءِ اي?? اي?? ۽ ترقياتي حصيدارن جي مدد سان معيشت کي بهتر بڻايو ويندو. وزيراعظم پاڪستان جي اعليٰ معيار جي انبن جو ذڪر ڪندي چيو ته آءِ اي?? اي?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي احترام ۽ تحسين جي جذبي طور پاڪستاني انبن جو تحفو موڪلڻ سندس لاءِ هڪ اعزاز هوندو.
آءِ ايم ايف سان معاهدي جي خلاف ورزي کي برداشت نه ڪيو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : quina acumulada