اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حج جهڙي اهم مذهبي فرض سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن، حاجين جي لاءِ ڪيل انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته ان جي وسيلي پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن، حج پاليسي فوري طور تي و??اق?? ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. ??زي??اعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران ??زي??اعظم کي حج جي حوالي سان قدمن ۽ حج پاليسي 2024ع ج?? تياري جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران ??زي??اعظم چيو ته حج جهڙي اهم فرض کي سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته حاجين جي لاءِ ڪيل انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي وسيلي سان پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن. نگران ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته حج پاليسي جلد و??اق?? ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران و??اق?? ??زي?? انيق احمد، مذهبي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
حج جهڙي اهم مذهبي فرض سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ