بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ، گوادر کي گڏيل رابطن جو مرڪز بڻائڻ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. عظيم عوامي هال بيجنگ ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اس??ن پاڪستان ۽ چين جي گهڻ رخي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سدا بهار تعاون، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، سي پيڪ، پنهنجي ??را??ي ۽ ثابت قدم دوستي جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ان کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فو??م جي ڪاميابي ۽ بي آر آئي جي 10 هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ گوادر کي رابطن جو مرڪز بڻائڻ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته چيني صدر شي جن پنگ کيس يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ اس??ن جي جاگرافيائي بيهڪ جي صلاحيت کي اس??عمال ۾ آڻڻ ۽ علائقائي واپار ۽ معاشي مرڪز جي طور تي اس??ن جي حمايت جاري رکندو جيڪو اس??ن جو گڏيل ويزن آهي، مون صدر شي جن پنگ کي جلد کان ج??د پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن خوشي سان قبول ڪري ورتو.
پاڪستان علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ، گوادر کي گڏيل رابطن جو مرڪز بڻائڻ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا