اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاق?? وزير مدد علي سنڌي سان پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن جي صدر حاجي اشفاق احمد وڙا??چ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفاق?? وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته چيمبر، حڪومت ۽ پرائيويٽ تعليمي شعبي وچ ۾ ويڇن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيمبر طرفان هاڪاري فيڊ بيڪ کي تسليم ڪيو ۽ چيو ته اهي تجويزون ايندڙ آءِ پي اي ايم سي ۾ صوبن کي موڪليون وينديون. وفاق?? وزير کي صوبن ۾ اڻ اعلانيل موڪلن جي مسئلن بابت ٻُڌايو ويو، جنهن سبب اسڪولن جا تعليمي ڏينهن گهٽ ٿي رهيا آهن. هن کي ٻُڌايو ته تعليمي ڪئلينڊر سال کي اهڙيءَ طرح نظرثاني ڪرڻ ??ي ضرورت آهي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي ختم ڪيو وڃ??. وفاق?? وزير کي ٻُڌايو ويو ته موسمياتي تبديلين سبب مختلف علائقن جي موسم مختلف انداز ۾ متاثر ٿيندي آهي. پي اي سي استادن جي تربيت ??ي ضرورت تي زور ڀريو ۽ حڪومت کي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. پي اي سي چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر ذريعي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ پي اي سي پنهنجون خدمتون وفاقي حڪومت کي به پيش ڪيون. وفاق?? وزير چيو ته اهي تجويزون هاڪاري آهن ۽ صوبن کي انهن کي عملي جامو پارائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته پاليسيون اهڙي طرح بڻايون وڃ?? ته هاءِ اينڊ ۽ لو اينڊ پرائيويٽ ادارن لاءِ هڪ ئي پاليسي نه هئڻ گهرجي.
نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے