اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سني اتحاد ڪ??نسل جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي ان ڪري هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو انتظار ڪن هتي هر ميمبر جو فارم 45 ۽ فارم 47 چيڪ نٿو ڪري سگهجي، اسان وٽ اليڪشن ڪميشن جي نو??يفڪيشن کان علاوه ٻيو ڪو ذريعو ناهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ تي سني اتحاد ڪ??نسل ايوان ۾ هنگامه آرائي ڪئي. عمر اي??ب خان جي اعتراض واري نقطي تي اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته انهن سمورن ميمبرن جن جو قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان اليڪشن ڪميشن نو??يفڪيشن جاري ڪيو آهي اهي ان ايوان جا معزز ميمبر آهن. عمر اي??ب خان چيو ته اهو ايوان مڪمل ناهي. اسان گذريل ڏينهن پڻ ڳالهه ڪئي هئي ته اسپيڪر ان حوالي سان رولنگ ڏي. چونڊ عمل اسانجي عورت ميمبرن جي عدم موجودگي ۾ قانون خلاف آهي. اسان انصاف ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا. بيرسٽر گوهر علي خان اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جو آرٽيڪل 51 تقضا ڪري ٿو ته ايوان مڪمل هجڻ گهرجي، اسپيڪر ان حوالي سان رولنگ ڏي. ??مه??ريت ۾ هر ووٽ جي اهميت هوندي آهي. اسپيڪر چيو ته اليڪشن ڪميشن جي نو??يفڪيشن کان علاوه اسيمبلي سيڪريٽريٽ وٽ ڪو ٻيو ذريعو ناهي. اليڪشن ڪميشن خودمختيار ادارو آهي. اسان ميمبرن جا فارم 45 چيڪ نٿا ڪري سگهون. بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته اسان اسپيڪر سان فارم 47 ۽ فارم 45 جي ڳالهه ناهي ڪئي. اسان رڳو پنهنجي مخوصوص سيٽن جي حوالي سان اسپيڪر جي رولنگ چاهيون ٿا. راڻا تنوير حسين چيو ته 2018 جو اليڪشن بدترين ڌانڌلي وارو اليڪشن هو. ان وقت مسلم ليگ (ن) جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو سني اتحاد ڪ??نسل ته پنهنجي پارٽي جي فورم تان اليڪشن ناهي وڙهي. انهن کي گهرجي ته اليڪشن ڪميشن سان ??اب??و ڪن. اسپيڪر رولنگ ڏني ته مخصوص سيٽن جي حوالي سان سني اتحاد ڪ??نسل اليڪشن ڪميشن سان ??اب??و ڪيو آهي، هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو انتظار ڪن، ان سلسلي ۾ اصل فورم اليڪشن ڪميشن ئي آهي.
سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جو معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي: اسپيڪر قومي اسيمبلي
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa