ملتان – 23 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ملتان ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري سدائين چين سميت دوست ملڪن کي راغب ڪيو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته سي پيڪ جهڙن گيم چينجرز منصوبن جي ??روع ٿيڻ ۾ صدر آصف علي زرداري جون ڪوششون ساراهه جو??يون آهن. وقتي صدر ملڪي معيشت ۾ واپارين ??ي ڪردار کي ساراهيندي انهن کي يقين ڏياريو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ واپارين جي مسئلن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. وقتي صدر سان ملاقات ڪندڙ واپارين ۾ صدر چيمبر آف ڪامرس ملتان راشد اقبال، رومانه تنوير شيخ، انڊسٽريل اسٽيٽ بورڊ آف مئنيجمينٽ جي ??در آصف مجيد، چوڌري وحيد ارشد، خواجه جلال الدين رومي، خواجه يونس ۽ ٻيا شامل هئا. واپاري برادري سينيٽ چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ ۽ ق??مي اسيمبلي جي ??ڪ 148 جي ??مني چونڊن ۾ علي قاسم گيلاني ??ي ڪاميابي تي يوسف رضا گيلاني کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ناليواري صنعتڪار ميان تنوير شيخ جي ??هائشگاهه تي وقتي صدر جي ??عزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو ويو. ان کان اڳ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪمرشل فلائيٽ پي ڪي ذريعي ملتان ايئرپورٽ پهتو ته ملتان سان تعلق رکندڙ ق??مي اسيمبلي ميمبرن عبدالقادر گيلاني، علي قاسم گيلاني، صوبائي اسيمبلي ميمبرن علي حيدر گيلاني، ڪامران مڙل ۽ راڻا اقبال سراج سميت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب فواد هاشم رباني، ڪمشنر ملتان مريم خان، ڊپٽي ڪمشنر رضوان قدير ۽ ٻي مقامي انتظاميا ا??تقبال ڪيو.
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم