اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان قومي خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پا??ستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ملاقات ڪئي. ايم ڊي اي پي پي خيبرپختونخواهه جي گورنر کي اي پي پي جي نيٽ ورڪ، نيوز سروسز ۽ ٻين معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اي پي ??ي اردو، انگريزي، سنڌي، بلوچي، پشتو، عربي ۽ چائنيز سميت ڪيترين ئي زبانن ۾ خبرون ۽ فيچرز قومي، علائقائي ۽ عالمي اخبارن کي فراهم ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ وڊيوز ۽ ڊيجيٽل سروس جي ذريعي خبرون اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي گورنر جو چوڻ هو ته اي پي پي رياستي ميڊيا جو هڪ اهم حصو آهي جيڪو نه رڳو پا??ستان پر سڄي دنيا ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۽ نظريه پا??ستان جي بيانيي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخواهه ۾ اي پي پي جي نيٽ ورڪ کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو ??نهن تي ايم ڊي اي پي پي خاطري ڪرائي ته خيبرپختونخواهه ۾ اي پي پي جي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا.
خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر