اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري ضلعي ڪرم ۾ ديسي بم حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف ??لي زرداري پنهنجي پيغام ۾ ضلعي ڪرم ۾ بم حملي ۾ شهي?? ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض شناسي کي ساراهيو. صدر دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار کي ساراهيو ۽ دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي ص??ر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا