اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) حيدرآباد ضلعي ۾ واقع ??نر ويل -11 جي ڪامياب بحالي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال س??ن کوهه مان 960 بيرل ڏ??اڙ?? تيل حاصل ڪيو پيو وڃي. او جي ڊي سي ايل مان جاري بيان موجب ??نر ويل -11 او جي ڊي سي ايل جي ??نر آئل فيلڊ جو حصو ۽ ??نر مائننگ ليز ايريا اندر واقع آهي جتي او جي ڊي سي ايل جي شراڪت 100 سيڪڙو آهي، اهي قدم ڪمپني جي پيداوار وڌائڻ جي عزم ۽ پڪي کوهه جي بحالي ۾ جديد فن جي موثر هجڻ کي اجاگر ڪري ٿو. ٻئي طرف کوهه 11 مان تيل جي پيداوار ملڪي ام??ورٽ بل ۾ ساليانو 30.19 ملين ڊالرن جي خاطر خواهه بچت جي ام??د آهي. ان بچت سان قوم جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ توانائي جي وسيلن جي قابل اعتماد فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ