اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) دولت مشترڪه جي س??ڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ وزيراعظم ي??ٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان کي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سندس عزم ۽ محنت تي ”ڪامن ويلٿ ايئر يوٿ چيمپيئن“ جو ايوارڊ ڏنو. وزيراعظم ي??ٿ پروگرام جي قدمن جي نمائش جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي. دولت مشترڪه جي س??ڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ چيو ته راڻا مشهود نوجوانن کي موقعا، وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ۽ مختلف قدمن ۽ پروگرامن ذريعي انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اهم قدم ۽ شاندار ڪم ڪيو آهي. سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي هن راڻا مشهود جو ڪامن ويلٿ جي روايتن مطابق ٽي ڀيرا ٿورو مڃيو. هن چيو ته دولت مشترڪه پاڪستان جي نوجوانن لاءِ وزيراعظم ي??ٿ پروگرام ٽيم جي همٿ ۽ عزم جو اعتراف ڪري ٿو ڇو جو نوجوان ئي تبديلي آڻڻ جا محرڪ آهن. دولت مشترڪه جي س??ڪريٽري جنرل بٽڻ دٻائي وزيراعظم ي??ٿ پروگرام جي 6 قدمن جو افتتاح ڪيو جن ۾ ڪامن ويلٿ ايش??ا يوٿ الائنس، ڊيجيٽل لرننگ پورٽل، قومي رضاڪار ڪور لاءِ لوگو، برٽش ڪائونسل ۽ انٽيل ڪارپوريشن جي س??ڪار سان اي آءِ ايجوڪيشن پروگرام ۽ ڪامن ويلٿ يوٿ پارليامينٽري فورم قائم ڪرڻ شامل آهن.
دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پاران وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود خان کي ڪامن ويلٿ ايئر يوٿ چيمپيئن جو اعزاز ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی