اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي، ته اڄ کان بلڪل پنج سال پهرين 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي سياسي ۽ آئيني صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڀارتي آئ??ن جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪري ڏيو، ڀارت ڊگهي عرصي کان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جاري رکي آهي، 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ ڀارت والاريل ڪشمير جي معصوم بادشاہ/121743.html">عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀارت والاريل ڪشمير جي غيرقانوني طور جابراڻو ۽ غاصبانو قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. انهن سمورن ڀارتي ظلمن باوجود ڪشميري بادشاہ/121743.html">عوام بغير ڪنهن هٿيار جي ڀارتي دهشتگردي ۽ ڏاڍ جو دليري سان مقابلو ڪري رهيو آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير جي بادشاہ/121743.html">عوام پنهنجي پرامن آزا??ي واري تحريڪ کي جاري رکيو آهي، ڀارت غيرقانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير کي پنهنجو حصو بڻائڻ چاهي ٿو پر ڪشميري بادشاہ/121743.html">عوام ڀارت جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. ڪشميري بادشاہ/121743.html">عوام ڪشمير مسئلي جي حل ۽ پنهنجي مستقبل جو تعين گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني مطابق ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ واضح طور ڪشمير??ن جي خوداراديت واري حق کي تسليم ڪيو ويو ۽ ڪشمير جو فيصلو ڪشمير??ن جي مرضي مطابق ٿيندو پر ٻئي پاسي ڀارت پوري دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي سيڪولر اسٽيٽ ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هئڻ جو دعويدار آهي، ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ۽ ڀارت اندر به اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ سبب بي نقاب ٿي چڪو آهي ڇو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۽ ڀارت اندر به اقليتن جو قتل عام ڪري رهيو آهي. آزاد ڄمون ڪشمير رياست جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪشميرين لاءِ هڪ ڪارو ڏينهن آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀئي گڏجي هندستان پاران رياستي دهشتگردي کي سڄي دنيا سامهون بي نقاب ڪيون. جيئن ڪينيڊا ۾ جي وزيراعظم ڀارت جي دهشتگردي کي بي نقاب ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ٻي دنيا به ڀارت کي بي نقاب ڪري رهي آهي. انهي لاءِ اسان جو اهو اولين فرض آهي ته اسان سڀ گڏجي ڪشميري بادشاہ/121743.html">عوام لاءِ آواز بلند ڪيون. آزاد ڪشمير رياست جي صدر چيو ته اسان جي هيءَ جدوجهد والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي ۽ جابراڻي قبضي مان آزادي تائ??ن جاري ۽ ساري رهندي.
ڪشميري عوام ڪنهن به هٿيار کان سواءِ ڀارتي دهشتگردي ۽ ڏاڍ جو دليري سان مقابلو ڪري رهيو آهي: بئريسٽر سلطان محمود چوڌري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر