گڏيل قومون- 09 مارچ (اي پي پي) چين آمريڪا ۽ ٻين ملڪ?? تي زور ڀريو آهي ته هو افغان عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ افغانستان جا سمنڊ پار اثاثا فوري طور تي واپس ڪن. چيني خابرو اداري موجب آگسٽ 2021ع ۾ آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ آمريڪا ??فغان مرڪزي بئنڪ جا 9.5 بلين ڊالر جا اثاثا منجمند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ان آمريڪي قدم کي ڪجهه ملڪن ڌاڙو هڻڻ جي برابر قرار ڏنو، گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي گينگ شوانگ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته افغان عوام جا سمنڊ پار اثاثا افغان عوام لاءِ استعمال ٿيڻ گه??جن. هن چيو ته افغان اثاثن کي منجمند ڪرڻ بنا جواز ۽ غير قانوني آهي، افغان عورتون ڪمزور برادري آهي جيڪا ڪيترائي سال جنگ ۽ بحران سبب وڌيڪ متاثر ٿي آهي، چيني نمائندي چيو ته عالمي رڪاوٽون ۽ پابنديون هٽائڻ کانسواءِ افغان عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ مفادن کي ??حفظ حاصل نٿو ڪري سگهجي. هن زور ڀريو ته هڪطرفيون پابنديون مقامي عورتن ۽ ٻارن جي بقاءُ ۽ ترقي لاءِ شديد مشڪلاتن جو سبب بڻجي چڪيون آهن ۽ انهن کي ??نا دير جي ختم ڪرڻ گه??جي.
آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ افغان عورتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ افغانستان جا سمنڊ پار اثاثا فوري طور تي واپس ڪن: چين
مضمون کا ماخذ : رومن دولت