برلن- 22 جنوري (اي پي پي) جرمني ۾ ريل گاڏين جي ڊرائيورن 06 ڏينهن جي ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. جرمن ٽرين ڊرائيورز جي يونين جي ڊي ايل چيو ته ريلوي آپريٽر ڊوئچي باهن سان پگهارن ۽ ڪم جي وقت جي حوالي سان وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رک??دي اسان ڪم کان ڊگهي واڪ آئوٽ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن تحت اربع تي 2 وڳي کان ريل گاڏين جا ڊرائور هڙتال تي هليا ويندا. اها هڙتال ايندڙ سومر جي شام تائين جاري ره??دي جڏهن ته مال بردار ريل سروس سمور کان ئي روڪي ويندي. اها هلندڙ مهيني جي سندن چوٿين هڙتال هوندي. هوڏانهن ڊوئچي بائين سخت تنقيد ڪ??دي چيو آهي ته مون ملازمن کي پگهارن ۾ 13 سيڪڙو ـ وقت ۾ هڪ ڪلاڪ جي گهٽتائي ڪرڻ جي آپشن جي آڇ ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada