تهران -20 مئي (اي پي پي ) ايران جو صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين ام??رعبداللهيان هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ف??ت ٿي ويا آهن .ايران جي خابرو اداري تصديق ڪئي آهي ته صدر ۽ پرڏيهي وزير جنهن هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ها اهو هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيو جنهن ??ي نتيجي ۾ ان ۾ سوار سمورا مسافر فوت ٿي ويا آهن. ايجنسي موجب شهيد ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي آچر جي شام جو سرحدي علائقي قيز قلعه ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان گڏ ڊيم جو افتتاح ڪرڻ بعد تبريز شهر طرف واپس وڃي رهيو هو ته ايران جي صوبي ۾ اوڀر آذربائيجان جي علائقي زرقان ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو جنهن ۾ هو پنهنجي ساٿين سميت فوت ٿي ويو آهي. حادثي جو شڪار ٿيل بدقسمت هيلي ڪاپٽر ۾ صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي سان گڏ پرڏيهي وزير حسين ام??ر عبداللهيان، اوڀر آذربائيجان صوبي جو گونر مالڪ رحمتي، صدر مملت جي سيڪورٽي جٿي جي ڪمانڊر جنرل سيد مهد موسوي ۽ صدر جو ذاتي محافظ موجود هئا. ايران جي سرڪاري خابرو ايجنسي (آئي آر اين اي) موجب ايراني صدر آمريڪي ساخت واري بيل 212 هيلي ڪاپٽر ۾ سوار هيو . رائٽرز هڪ ايراني اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته حادثي ۾ صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين ام??ر عبداللهيان کي کڻي ويندڙ هيلي ڪاپٽر مڪمل طور تي سڙي ويو هيو .
ايراني صدر ابراهيم، پرڏيهي وزير ۽ ٻيا هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر