دمشق _ 12 ڊسمبر (اي پي پي) شام ۾ باغين روس فرار ٿيل صدر بشارالاسد جي والد حافظ الاسد جي مقبري کي ب??هه ڏئي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابر?? اداري مطابق ان واقعي جي وڊيوز ۾ هٿياربندن کي حافظ الاسد جي اباڻي علائقي قرداحه ۾ واقع سندس مقبري ۾ نعرا لڳائيندي ڏسي سگهجي ٿ?? جڏهن ته مقبري کي ب??هه لڳل آهي. شام ۾ باغين طرفان ملڪ جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ بعد کانپوءِ ??ڄي ملڪ مان اڳوڻي صدر ۽ سندس والد حافظ الاسد جي پوسٽرن ۽ مجسمن کي هٽايو پيو وڃي. حافظ الاسد 1971ع کان 2000 ع تائين شام تي حڪومت ڪئي. سندس موت بعد سندس پٽ بشارالاسد کي ملڪ جو صدر بڻايو ويو جنهن اٽڪل 24 سالن تائين ملڪ تي حڪومت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ