اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ترقي يافته، مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان ئي اس??ن جي منزل آهي، پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي اميد ۽ الله جي هڪ نعمت آهي جنهن جي قيام لاءِ اس??ن جي بزرگن منفرد تحريڪ هلائي ۽ بي مثال قربانيون ڏئي هي ملڪ حاصل ڪيو، پاڪست??ن جي عوام 25 جولاءِ تي پرجوش طريقي سان ان اصول ??ي هڪ دف??و ٻيهر مهر تصديق ڪري ڇڏي آهي ته ملڪ عوام جي مرضي سان وجود ۾ آيو هو، ??ن جي قسمت جا فيصلا به ووٽ جي پرچي سان ٿيندا. پاڪست??ن جي عوام ان حقيقت کان آگاهه آهي ته سندن نمائندا اهي ئي ٿي سگهن ٿا جنهن کي هو چونڊيندي، پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجي سياسي ۽ اخلاقي حمايت سدائين جاري رکندو. هو آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي منعقد قومي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، شاهه محمود قريشي، غير ملڪي سفارتڪارن، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، نگران وزيرن علي ظفر، عبدالله هارون، اسڪول ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.
ترقي يافته، مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان ئي اسان جي منزل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha