نيويارڪ – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪست??ن پشاور ۾ اسڪول جي ٻارن تي حملي، مستونگ ۾ بم ڌماڪي جي ذميوارن ۽ سمجهوتا ايڪسپريس ۾ بيگناهه پاڪستانين جي شهادت کي ڪڏهن به نه وساريندو، ڪشمير جو مسئلو جيڪو گذريل 70 سالن کان انسانيت جي مٿي تي بدنما داغ آهي، پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ دهشتگردن جي مالي مدد ۽ منصوبابندي ۾ حمايت ڪري رهيو آهي، ڀارت ??ان بامقصد ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پاڪست??ن پنهنجي قومي مفاد ۽ ملڪي سلامتي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿو ڪري سگهي، ع??ائقائي ملڪن ??ان گڏيل عزت ۽ ا??تر??م جي بنياد تي لاڳاپا بحال ڪرڻ چاهيون ٿا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني 73 هين اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته 2 مهينا اڳ پاڪستان جي عوام جمهوري حق جو استعمال ڪندي معاملن ۽ گورننس ۾ بهتري جو فيصلو ڪيو، پاڪستان جي عوام هڪ اهڙي ملڪ لاءِ پنهنجي راءِ ڏني آهي جيڪو پراعتماد، دردمند ۽ امن پسند هجي.
ڪشمير مسئلو انسانيت جي مٿي تي داغ آهي: شاهه محمود قريشي جو گڏيل قومن ۾ خطاب
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا