ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي ڏس ۾ انٽيليجنس معلومات جي مٽاسٽا ۽ ويجهي تعاون کي و??ائ?? جي لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظ?? عمران ان ۽ افغانستان جي صدر اشرف غني خميس ڏينهن هتي صدارتي محل ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام جي لاءِ فوري قدمن جي سلسلي ۾ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظ?? عمران خان جيڪو پهريون ڀيرو افغانستان جي دوري تي ڪابل آيو، افغا?? صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، بين الافغان امن عمل ۽ علائقائي اقتصادي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظ?? عمران خان افغان حڪومت کي پاڪستان پاران افغانستان ۾ تشدد جي خاتمي لاءِ تعاون ۽ جنگ بندي جي سلسلي ۾ پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي، وزيراعظم چيو ته هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته پاڪستان افغانستان جي ڪهڙي طرح جي م??د ڪري سگهي ٿو، هن افغا?? صدر کي يقين ڏياريو ته هو تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪندو، وزيراعظم افغانستان ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل خيالن جي مٽاسٽا لاءِ ٻنهي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽين جي قيام جي حمايت ڪئي. وزيراعظ?? عمران خان افغانستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي افغا?? صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهارڪيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان ۽ افغانستان پاران دهشتگردي جي تازن واقعن جي ڏس ۾ انٽيليجنس معلومات جي مٽاسٽا ۽ ويجهي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada