اسلام آ??اد – 10 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪورونا وائرس سبب 76 فوتگيون ٿيون جنهن مان 41 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريض?? جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلا??ن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 303 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 48 سيڪڙو، لاهور ۾ 27 سيڪڙو، بهاولپور ۾ 26 سيڪڙو ۽ اسلام آ??اد ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 30 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 30 سيڪڙو، ملتان ۾ 30 ۽ پشاور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 824 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 972، پنجاب ۾ 11 هزار 497، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 375، اسلام آ??اد ۾ 3 هزار 682، بلوچستان ۾ هڪ هزار 222، گلگت بلتستان ۾ 386، آزاد ڪشمير ۾ 690 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙ?? جو انگ 8 لک 71 هزار 669 ??ي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 361 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 44 هزار 236 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻه?? جو انگ 9 لک 37 هزار 434 آهي.
ڪورونا سبب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 76 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج