اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رحمت للعالمين اٿارٽي باب?? سمورن قدن تي تيزي سان عمل ڪرڻ جي ه??ايت ڪندي چيو آهي ته رحمت للعالمين اٿارٽي جو مقصد معاشري جي اخ??اق?? براين جو سيرت طيبه جي روشني ۾ تدارڪ آهي، ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سيرت طيبه جي تعليم عام ڪرڻ جي لاءِ خاص ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت للعالمين اٿارٽي تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ عالم سڳورن سان مشاورت جي طريقيڪار، عالمي سطح تي اٿارٽي جي تجويز ڪيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايڊوائيزري ڪائونسل جي ڪردار، اسڪولن ۽ ڪ??لي??ن ۾ شاگردن ۾ سيرت جي شعور جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٺوس ميديا پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته معياري نشري مواد جي ذريعي ٻارن ۽ نوجوانن کي سيرت طيبه کي عملي زندگي ۾ اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويندي، نشري مواد ۾ سيرت جي اخ??اق?? رخن تي ڌيان ڏئي معاشرتي براين جي تدارڪ ۾ مدد حاصل ٿيندي. وزيراعظم اٿارٽي باب?? سمورن قدمن تي تيزي سان عمل ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪ??ر شهباز گل، پروفيسر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر انيس احمد، ڊاڪٽر خالد مسعود، ڊاڪٽر عارف بٽ شرڪت ڪئي جڏهن ته تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.
رحمت للعالمين اٿارٽي جو مقصد معاشري جي اخلاقي براين جو سيرت طيبه جي روشني ۾ تدارڪ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات