وزي??اع??م ع??ران خان سان چين جي وزي??اع??م لي ڪي ڪيانگ جي ملاقات
بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين گڏيل معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميو??ٽي قائم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزي??اع??م ع??ران خان چين ۽ پاڪستان جي علائقائي رابطن ۽ افغانستان ?? امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي وزي??اع??م لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ خيرسگالي جذبي، گهري گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻطرفي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن، سي پيڪ تي اڳڀرائي ۽ اهم ع??ائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو. ڌرين پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي مرڪزيت جي عزم کي ورجايو ۽ گڏيل مفاد جي معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو عزم ظاهر ڪيو. وزي??اع??م ع??ران خان چيني وزي??اع??م کي بيجنگ سرمائي اولمپڪس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي بنيادي مفادن ۽ خطي ?? امن ۽ استحڪام جي ٿنڀ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل سال سفارتي لاڳاپن جي 70 سال جي موقعي تي تقريبن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي نئين سگهه ملي آهي. وزي??اع??م ڪورونا وبا دوران پاڪستان جي مدد ۽ تعاون ۽ ويڪسين جي وقت سر فراهمي تي چين جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزي??اع??م ع??ران خان سي پيڪ جي پاڪستان جي انفراسٽرڪچر، توانائي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ عوام جي معيار زندگي ۾ بهتري جي حوالي سان تبديلي کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل طور تي طئي ٿيل صنعتي، واپاري، صحت?? ڊيجيٽل ۽ گرين ڪوريڊورز جي ذريعي سي پيڪ جي معياري ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزي??اع??م چيني وزي??اع??م کي سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۽ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ پاليسي اصول ۽ تعاون ۽ پاڪستان ۾ چيني شهرين جي تحفظ، منصوبن ۽ ادارن بابت کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزي??اع??م ع??ران خان علائقائي سلامتي بابت ڳالهه ٻولهه دوران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چين ۽ پاڪستان جي علائقائي رابطن ۽ افغانستان ?? امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميو??ٽي قائم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب