اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي خط تي گهري ڳڻتي جو اظهار ۽ غير ملڪي عهديدارن پاران ??ست??مال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏيندي چيو آهي ته خط پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آه?? جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آهي. ان تي باقاعده سفارتي ذريعن سان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 37 هون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ دفاع، توانائي، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن، منصوبابند?? جي وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، قومي سلامت?? جي صل??حڪار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب قومي سلامتي واري صل??حڪار ڪميٽي کي هڪ ٻاهرين ملڪ جي سينئر عهديدار جي ان ملڪ ۾ هڪ باضابطه اجلاس ۾ پاڪستان جي سفير کي باضابطه خط جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن ۾ سفير پرڏيهي وزارت کي باقاعده طور تي آگاهه ڪيو. ڪميٽي خط تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي غير ملڪي عهديدارن پاران ??ست??مال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏنو، ڪميٽي اهو نتيجو ڪڍيو ته اهو خط ڄاڻايل ملڪ پاران پاڪستان جي داخلي معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آه?? جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آهي، ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پاڪستان سفارتي قدمن کي نظر ۾ رکندي باضابطه ذريعي سان اسلام آباد ۽ ان ملڪ جي گادي واري شهر ۾ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو. شرڪت ڪندڙن جي قومي سلامتي ڪميٽ?? جي ان ڪئميرا بريفنگ جي ذريعي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ 30 مارچ 2022 تي وزيراعظم جي صدارت ۾ منعقد ٿي??دڙ خصوصي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا جي ڪيل فيصل?? جي توثيق ڪئي.
قومي سلامتي ڪميٽي پاران خط تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی