اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جاپان سان و??پا??، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪميونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌ??ئڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم آفيس ۾ انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ جاپاني سفير مٽسو هيرو واڊا پڻ ملاقات ۾ موجود هو. 1989ع کان پاڪستان ۾ انڊس موٽر جي سيڙپڪاري کي ساراهيند?? وزيراعظم لوڪلائيزيسن، نئين مصنوعات جي حوصلا افزائي ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ هائبرڊ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪلز کي جلد متعارف ڪر??ئڻ جي اهميت تي زور ڏنو. حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين کي اجاگر ڪند?? وزيراعظم جاپاني ڌر تي زور ڏنو ته هو اهڙ?? موقعن مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائين. ان کان اڳ وزيراعظم سان جاپان جي اهم ڪمپنين جي وفد پن ملاقات ڪئي جنهن دوران وزيراعظم جاپان سان خاص طور تي و??پا??، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪميونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌ??ئڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ توانائي واري واري وفاق?? وزير خرم دستگير، ناڻي واري وفاق?? وزير مفتاح اسماعيل، صنعت ۽ پيداوار واري وفاق?? وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين کي درپيس مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي پڻ جوڙي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔