اسل??م آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا تائين ٻوڙن ماڻهن جي پهچ جي ايڪٽ 2022ع جي منطوري ڏئي ??ڏي. ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي الي??ٽر??نڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي پاڪستان سائن لينگويج ترجمان ??ان??واءِ نيوز بليٽن جي اجازت نه هوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايڪٽ تحت هڪ سال کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي الي??ٽر??نڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي سائن لينگويج ترجمان ??ان??واءِ ڪنهن به پروگرام، اينٽرٽينمينٽ، اشتهار، ٽاڪ شو، ڊرامي، فلم يا ڪنهن به قسم جي تصويري پروگرام جي اجازت نه هوندي. سرڪاري ۽ نجي ميڊيا هائوسز کي ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن جي اندر ايڪٽ تي عملدرآمد جي لاءِ سائن لينگويج ترجمان مقرر ڪرڻو پوندو. ايڪٽ پوري پاڪستان ۾ فوري طور تي لاڳو هوندو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا تائين ٻوڙن ماڻهن جي پهچ جي ايڪٽ 2022ع جي منطوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا