اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ پاڪستان ٽيليويزن جو سڀ کان وڏو ورچوئل اسٽوڊيو ٽيڪنالاجي جو گيپ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ٽيليويزن وٽ سمورا اثاثا موجود آهن رڳو انهن کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو بجلي و??ري وفاقي و??ير انجنيئر خرم دستگير خان سان گڏ پاڪستان ٽيليويزن جي و??چوئل اسٽوڊيو جي افتتاح جي موقعي تي خط??ب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي سهيل علي خان ۽ پيمرا چيئرمين سليم بيگ پڻ موجود هئا. تقريب کي خط??ب ڪندي اطلاعات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چي?? ته اڄ پي ٽي وي جي عملي ۽ انتظاميا جي ڪوششن سان پي ٽي وي ۾ آءِ ٽي رکندڙ سلوشنز استعمال ٿي رهيا آهن جيڪا جديد دور جي گهرج آهي. هن چي?? ته ورچوئل اسٽوڊيو جو قيام پاڪستان ٽيليويزن جو هڪ ٻيو سنگ ميل آهي، ان کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي و??چوئل اسٽوڊيو هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پي ٽي وي نيوز صحيح خبرن ??ان گڏ هاڻي جديد انداز ۾ ڪم ڪندو. ورچوئل اسٽوڊيوز بابت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو وي?? ته پاڪستان ٽيليويزن جو اسٽيٽ آف دي آرٽ ورچوئل سيٽ قومي علائقائي ۽ عالمي خبرن ??ان گڏوگڏ موسم ۽ راندين جي خبرن ۽ حالات حاضره جي پروگرامن کي پڻ جديد انداز ۾ عوام آڏو پيش ڪندو. پاڪستان ٽيليويزن پنهنجي 58 سالا سفر دوران ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان ٽيليويزن نيوز پنهنجي سڀ کان وڏي و??چوئل اسٽوڊيو سان هاڻي عوام کي جديد انداز ۾ خبرون، تجزيا ۽ پاڪستان جي حقيقي موقف کان باخبر رکندو. ورچوئل اسٽوڊيو جي قيام سان قومي، علائقائي خبرون، سياست، ثقافت، تعليم، حالات حاضره ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان پي ٽي وي نيوز جا ناظرين جديد انداز ۾ آگاهه ٿي سگهندا. اسٽوڊيوز جي ذريعي موسم جي خبرن ??ان گڏوگڏ راندين جي ميدان ۾ پڻ ناظرين کي آگاهه رکيو ويندو. بهترين آڊيوز، هائي ڊيفينيشن، خوبصورت گرافڪس پي ٽي وي نيوز جي اسڪريم جو حصو هوندا.
پاڪستان ٽيليويزن جو سڀ کان وڏو ورچوئل اسٽوڊيو ٽيڪنالاجي جو گيپ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : sorteios quina