پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي، ڪوپ – 27 ۾ ل??س اينڊ ڊيميج فنڊ کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، موسمياتي انصاف سان گڏ اسرندڙ ملڪن سان عالمي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ منصفاڻو رويو گهربل آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت عالمي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وز??را??ظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي شاندار آجيان ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وز??را??ظم جي جوابي خيرسگالي جي پرجوش جذبن سان آجيان ڪئي. ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وز??را??ظم چ??و ته توهان کي پاڪستان جو محسن تصور ڪريون ٿا، ٻوڏ جي موقعي تي توهان جي مدد وساري نه ٿا سگهون، موسمياتي تبديلين سان پاڪستان م ٿيندڙ تباهي جا توهان اکين ڏٺا شاهد آهيو. وز??را??ظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي قدمن بابت سيڪريٽري جنرل کي آگاهه ڪيو. وز??را??ظم چ??و ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ رهندي. هن چ??و ته موسمياتي تبديلين سان اسرندڙ ملڪن تي معاشي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويو آهي، اسرندڙ ملڪن ۾ واڌويجهه جي شرح وڌائڻ ۽ مالياتي توازن برقرار رکڻ ۾ نوان مسئلا درپيش آهن. هن چ??و ته ڪوپ – 27 ۾ ل??س اينڊ ڊيميج فنڊ کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ پيرس ۾ سربراهي ڪانفرنس هڪ سٺي ۽ صحيح رخ ۾ شروعات آهي. هن چ??و ته موسمياتي انصاف سان گڏ اسرندڙ ملڪن سان عالمي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ منصفاڻو رويو گهربل آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وز??را??ظم ۽ ان جي حڪومت جي جذبي کي ساراهيو.
ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil