اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو ??ور آستانه قازقستان ۾ ٿيو. (اف??ان??تان ۽ اولهه ايشيا) بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا شاهه پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته قازقستان جي پرڏيهي معاملن واري نائب وزير ڪنات تميش ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طر??ن مشاورت جي دوران سياسي ۽ سفارتي، واپاري، اقتصادي رابطن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطر??ن لاڳاپن جي مختلف رخن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڌرين علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن، سيڪا، او آءِ سي، اي سي او ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي فريم ورڪ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو پڻ جائزو ورتو. ڌرين ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ??يڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ۽ ايندڙ مهيني جي شروع ۾ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي آجيان ڪئي. پاڪستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت ڌرين کي ٻطر??ن لاڳاپن جي موجوده سطح جو ٺوس جائزووٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ٻنهي طر??ن گڏيل دلچسپي جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪئي ۽ ٻطر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور آستانه ۾ ٿيو
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino