اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ انساني حقن واري وزير خليل جارج غزه جي ??وام جي لاءِ پاڪستان مان امدادي سامان جي ٻي کيپ کڻي ويندڙ خصوصي جهاز کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روانو ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب امدادي سامان جي ??وانگي جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب ۾ اسلام آباد ۾ فلسطيني سفير احمد جواد رب??ع، پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان موقعي تي خط??ب ڪندي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيل پاران غزه ۾ گهيريل عورتن، ٻارن سميت شهرين جي ??لاف طاقت جي وحشياڻي غيرمتناسب ۽ انڌاڌنڌ استعمال جي مذمت ڪئي. نگران پرڏيهي وزير اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن انصاف ۽ انسانيت جي ??صولن کي برقرار رکڻ ۽ غزه جي ماڻهن کي انساني امداد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. کيپ ۾ صحت جي ??فاظت واريون ڪٽس، دوائون ۽ فوڊ پيڪيٽس شامل آهن. غزه جي ??وام لاءِ پاڪستان مان امدادي سامان جي پهرين کيپ 19 آڪٽوبر 2023ع تي موڪلي وئي هئي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ انساني حقن واري وزير خليل جارج غزه جي عوام جي لاءِ پاڪستان مان امدادي سامان جي ٻي کيپ کڻي ويندڙ خصوصي جهاز کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روانو ڪيو
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔