رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ??هزاده فيصل بن فرحان حماس طرفان اسرائيل تي اوچتي حملي بعد تشدد ۾ واڌ کي گهٽائڻ تي زور ڀريو آهي، عرب نيوز مطابق بيان ۾ چيو ويو آهي، ته سعودي عرب سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته اهي عالمي قانون جو احترام ڪن. هوڏانهن سعودي پرڏيهي وزير ??هزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي پرڏيهي وزير ??نٽوني بلنڪن 24 ڪلاڪن ۾ 2 ڀيرا ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خطرن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ضرو??ي طريقو ڳولهڻ جي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي ڌرين درپيش بحران جي ناڪاري اثرن جو دائرو مهدود ڪرڻ لاءِ عالمي برادري جي گڏجي ڪم ڪرڻ واري اهميت اجاگر ڪئي ته جيئن عالمي امن ۽ سلامتي جي تحفظ ۾ مدد ملي سگهي.علائقائي ۽ عالمي حالتن ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن تي به غور ويچار ڪيو. ياد رهي ته اسرائيل جي فوج حما?? جي عسڪريت پسندن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ جنگ وڙهي رهي آهي. ان کان علاوه شهزاده فيصل بن فرحان سان فرانس ۽ هالينڊ جي پرڏيهي وزيرن به ٽيليفون تي رابطو ڪيو. فران?? جي پرڏيهي وزير ??زه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ تازي صورتحال ۽ اتي جاري ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب ڪنهن به حالت ?? شهرين کي نشانو بنائڻ جو مخالف آهي. سموريون ڌريون عالمي انساني قانون جو احترام ڪن، هالينڊ جي پرڏيهي وزير ??عودي پرڏيهي وزير ??ان فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ پيدا ٿيل غيرمعمولي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن غزه ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڪيل عالمي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون.
سعودي عرب طرفان اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ تشدد ۾ واڌ ختم ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی