گڏيل قومون-29 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش خبردار ڪي?? آهي ته غزه جا رهواسي پنهنجي تاريخ جي ڪاري دور مان ??ذري رهيا آهن، هن فلسطين شهرين سان يڪجهتي جي اظهار جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪي?? بيان ۾ چيو آهي ته اسان ??ي غزه جي گهيراءُ ۽ قبضي جي خاتمي جي مطالبي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته هو هن خطي ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ ٿيل فوتگين ۽ تباهي کان ??نل آهن، غزه ?? تازن ڏينهن ۾ گڏيل قومن جي مختلف ادارن جا اهلڪار به وڏي تعداد ۾ مارجي ويا آهن جيڪو عالمي اداري جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو جاني نقصان آهي، هن چيو ته 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي ڪي?? حملي تي اسرائيلي پاران فلسطيني شهرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو جواز قرار نٿو ڏئي سگهجي. سيڪريٽري جنرل ڊگهي مدي واري جنگ بندي ۽ اسرائيلي جيلن ۾ قيد فلسطيني شهرين جي آزادي جو مطالبي جو ورجاءُ ڪي??. هن چيو ته بي گهر ٿيل اٽڪل 17 لک فسلطيني ڪٿي به محفوظ ناهن، بيت المقدس جي اوڀر حصي سميت والاريل اولهندي ڪناري جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي، هن انهن هزارين خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪي?? جيڪي پنهنجي پيارن کي وڃائي چڪا آهن ۽ وڃائي رهيا آهن. غزه ?? مارجي ويلن ۾ گڏيل قومن جا اهلڪار پڻ شامل آهن. هن چيو ته اسرائيل حماس وچ ۾ جنگ بندي ۾ توسيع انسانيت جي جهلڪ ۽ اميد جو ڪرڻو آهي، جڏهن ته هن خبردار ڪي?? ته جنگ بندي غزه پٽي جي امدادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي.
فسلطيني پنهنجي تاريخ جي ڪاري دور مان گذري رهيا آهن: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر