ميڊرڊ – 23 فيبر??ري (اي پي پي) اسپين جي اوڀر واري بندرگاهي شهر ويلينسيا ۾ هڪ گهڻ ماڙ رهائشي عمارت ??ي هڪ بلاڪ ۾ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا اجل جو شڪار جڏهن ته 14 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ويلينسيا جي علائقي ۾ ايمرجنسي سروسز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ??حا??ين کي ٻڌايو ته باهه شام ساڍي پنج وڳي چوٿين ماڙ تي شروع ٿي ۽ تيزي سان ڦهلجي وئي. اکين ڏٺن ۽ ايمرجنسي سروسز جو چوڻ آهي ته باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ فائر فائٽرز جي 22 ٽيمون مصروف آهن. اسپين جي پبلڪ ٽيلي ويزن چيو ته 14 ماڙ عمارت ۾ 130 کان وڌيڪ فليٽ هئا جيڪي تيزي سان هڪ ڍانچي ۾ تبديل ٿي ويا.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ