رياض-28 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سربراهي ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ اندروني ادارن کي منظم ڪرڻ لاءِ قومي فريم ورڪ ۽ ريلوي سسٽم جي ضابطن جي منظوري ڏ??ي وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اجلاس ۾ معذور ماڻهن لاءِ غير سرڪاري ادارن ۾ فراهم ٿيندڙ سهولتن جا ضابطا مقرر ڪرڻ ۽ خاص ماڻهن لاءِ پيشيور پروگرا??ن جا ضابطا تيار ڪرڻ جي منظوري ڏ??ي وئي. ڪابينا اجلاس جي شروعات ۾ شاهه سلمان کي جمهوريه تاجڪستان جي صدر پاران مليل پيغام سميت ملڪ جي ولي عهد ۽ وزيراعظم سان يوڪرين جي صدر ۽ رشين فيڊريشن جي وفد جي ملاقات جي حوالي سان پڻ ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو. جڏهن ته برازيل ۾ ٿيل جي 20 پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کان پڻ آگاهي فراهم ڪئي وئي. وزيرن واري ڪائونسل سعودي آئل ڪمپني آرامڪو کي گئس جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوالي سان مليل ڪاميابين کي سٺو سنئوڻ قر??ر ڏنو، ڪابينا عرب گهرو و??يرن جي 41 هين اجلاس جي حوالي سان پڻ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قونصل فلسطين ۽ خاص طور تي غزه پٽي ۽ ان جي ڀرپاسي واري انساني صورتحال جي سنگين کي ختم ڪرڻ واري معاملي تي پڻ ڳالهيون ڪيون ۽ اتي وڌندڙ عسڪري ڪاررواين کي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قر??ر ڏنو، اجلاس ۾ ملڪ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهين کي بهترين قدم قر??ر ڏنو ويو.اجلاس ۾ صحت واري وزير يا ان جي مقرر ڪيل نمائندي کي ترڪمانستان جي صحت واري وزارت سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جو اختي??ر ڏنو ويو جنهن موجب ٻئي ملڪ دواسازي ۽ صحت جي معاملن ۾ سهڪار ڪندا.
غزه ۾ وڌندڙ عسڪري ڪارروايون امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن: سعودي ڪابينا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ