نيويارڪ – 18 ??پر??ل (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته افغانستان جي عورتن کي ڪاروباري س??گر??ين ۾ سخت رڪاوٽون درپيش آهن، ان باوجود انهن جي انتظام هيٺ ڪاروباري ادارا ٻين عورتن لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪري رهيا آهن. ترقي بابت ??ال??ي اداري جي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي تازي رپورٽ مطابق افعانستان ۾ سخت چيلنجز کي منهن ڏيڻ باوجود عورتن جي انتظام هيٺ ڪاروبار نه رڳو صنف نازڪ لاءِ ڪمائڻ جا موقعا پيدا ڪري رهيا آهن پر انهن ڏکين حالتن ۾ اقتصادي استحڪام ۽ اميد جي اهم ستون طور تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهن يو اين ڊي پي جي ايشيا ۽ پيسيفڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر ڪاني وگناراجا جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ گذريل 3 سالن دوران جمع ڪيل انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ ڪاروباري عورتون انتهائي سنگين حالتن ۾ ناقابل يقين حوصلي ۽ دليري سان عورتن لاءِ نوڪرين جا وسيلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيون. جاچ مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته افغانستان جي عورتن کي ڪاروبار ڪندي ڪيترن ئي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
افغان عورتون واپاري ڏکيائين باوجود مستحڪم، ٻين کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa