دمشق-13 ڊسمبر (اي پي پي)شام جي عارضي حڪومت چيو آهي ته صدر بشارالاسد جي برطرفي بعد ملڪ جو آئين ۽ پارليامينٽ ٽن مهينن لاءِ معطل رهندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه شام جي عارضي حڪومت جي ترجمان عبيده ارناط هڪ انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته هڪ عدالتي ۽ انساني حقن جي ڪميٽي قائم ڪئي و??ند?? جيڪا آئين جو جائزو وٺي ترميم پيش ڪندي، موجوده آئين 2012ع جو آهي ۽ ان ۾ اسلام کي رياستي مذهب جي طور مقرر ناهي ??يو ويو. ترجمان ٻڌايو ته اهو عارضي دور ٽن مهينن تائين جاري رهندو، ادارن جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيع آهي، عوام خلاف ڏوهه ڪندڙن جو قانون مطابق فيصلو ڪيو و??ند??. مذهبي ۽ شخصي آزادين بابت سوال تي هن چيو ته اسان شام ۾ مذهب ۽ روايتن جو احترام ڪيون ٿا، ان ۾ ڪا ت??ديلي نه ا??ند??.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار